رب سوس

رب سوس: حڪيم هي قلمن وانگر ڪارا ٽڪر، مٺيءَ ڪاٺيءَ کي ڪاڙهي ٺاهيندا آهن. کنگهه، دمشڪي، نڙيءَ جي آواز صفا ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. بلغمي خلط کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو، تپ، معدي ۽ آنڊن جي رطوبت کي ڳاري ٿو، جگر ۽ ڦڦڙ کي تقويت ڏئي ٿو، مثاني جي ڦٽ ۽ رحم جي بيمارين ۾ فائدو ڪري ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو